حيدرآباد (م ڊ) سنڌ جي 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي تي پنجاب جو قبضو برقرار، سنڌ سرڪار صوبي جي حصي جو پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، سنڌ جي آبادگارن سنڌ ۾ پاڻي جي شديد اڻاٺ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ پاڻي جي سنگين بحران کان بچڻ لاءِ بنا دير حڪمت عملي تيار ڪري منڇر ۽ ڪينجهر ۾ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش کي بحال ڪري، قدرتي ڍنڍن ۽ ڍورن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سيڊا طرفان سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ واٽر پاليسي ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ڪالهه ايوان زراعت سنڌ جي آفيس ۾ آبادگارن سان گڏجاڻي ڪري واٽر پاليسي بابت تجويزون ورتيون، اجلاس ۾ سيڊا ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته پنجاب سنڌ جي 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي تي قبضو ڪري ويٺل آهن، جنهن سبب سنڌ ۾ پاڻي جي شديد اڻاٺ پيدا ٿي وئي آهي، ڏکڻ سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، اجلاس ۾ آبادگارن واٽر پاليسي جي آجيان ڪندي پاڻي جي کوٽ ۽ ايندڙ وقت ۾ سنگين بحران پيدا ٿيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور تي ديا مير ڀاشا ڊيم جي تعمير ڪئي وڃي، جنهن تي سنڌ سميت سمورا صوبا متفق آهن، تڪراري ڊيمن بجاءِ اتفاق راءِ ٿيل ڀاشا ڊيم کي عملي شڪل ڏني وڃي ته جيئن پاڻي جمع ٿئي ۽ بحران ۾ پاڻي جي صوبن کي ورڇ ڪري ڏني وڃي، آبادگارن سيڊا تي زور ڀريو ته سنڌ واٽر پاليسي ۾ پاڻي کي زيان ٿيڻ کان بچائڻ ۽ سنڀالڻ جي تجويزن تي ڌيان ڏنو وڃي، آبڪلاڻي جي مند ۾ بدين، عمرڪوٽ، ميرپوخاص ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جو 8 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ايل بي او ڊي جي ذريعي سمنڊ ۽ شڪور ڍنڍ ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو، ان پاڻي کي قدرتي ڍنڍن ۽ پراڻ درياهه جي ڍورن ۾ محفوظ ڪري زراعت لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اهو 8 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي شڪور ڍنڍ ذريعي هندستان ڇوڙ ٿئي ٿو ۽ هندستان پاڻي کي استعمال ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اسان اهو پاڻي پاڻ ئي ضايع ڪري کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ان موقعي تي ايم ڊي سيڊا محمد نواز چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته پنجاب هر ڏينهن سنڌ جي 4 هزار ڪيوسڪ پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي. هن چيو ته اهو پاڻي سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي، پنجاب کان پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاڻي ڪيس وڙهي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو واٽر پاليسي جوڙي رهيا آهيون، ان لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کان هر ضلعي ۾ وڃي تجويزون وٺون پيا. هن چيو ته 27 فيبروري تي ڪراچي ۾ واٽر پاليسي جي اهم گڏجاڻي رٿيل آهي، جنهن ۾ مليل تجويزن تي غور ويچار ڪيو ويندو ۽ انهن کي واٽر پاليسي ڊرافٽ جو حصو بڻايو ويندو. هن چيو ته سيڊا پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪري پئي، ڦليلي واهه تي 30 هون ميل، علي واهه ۽ امام واهه تي 3 ارب رپين جي لاڳت سان هيڊ ريگيوليٽرز آخري مرحلي ۾ آهن، جن سان پڇڙي ۾ پاڻي جي فراهمي اثرائتي ٿيندي. هن چيو ته لاڙ وارن ضلعن ۾ پاڻي جا قدرتي وهڪرا بحال، قدرتي ڍنڍن ۽ ڍورن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا، انهن ڍورن ۽ ڍنڍن ۾ آبڪلاڻي جي 8 ملين ضايع ٿيندڙ پاڻي کي محفوظ ڪري زراعت لاءِ استعمال ڪيو ويندو، هن چيو ته آبادگار مسئلن جي نشاندهي ڪن، آئون پاڻ پهچي انهن شڪايتن جو ازالو ڪندس. اجلاس ۾ ايوان زراعت سنڌ جي صدر قبول محمد کٽياڻ، جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي، نائب صدر نبي بخش سٺيو، اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر ۽ ٻين سنڌ واٽر پاليسي بابت تجويزون ڏيندي چيو ته پاڻي کي بچائڻ ۽ سنڀالڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ ايوان زراعت جي ڏنل تجويزن کي سنڌ واٽر پاليسي ڊرافٽ جو حصو بڻايو وڃي.11