نيب آشيانه هائوسنگ اسڪيم تي پنجاب حڪومت جو موقف رد ڪري ڇڏيو

لاهور (م ڊ) نيب آشيانه هائوسنگ اسڪيم تي پنجاب حڪومت جو موقف هڪ ڀيري ٻيهر رد ڪري ڪندي چيو آهي ته اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي اختارن جو ناجائز استعمال ڪيو. تفصيل موجب نيب لاهور آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن جي جاچ ۾ پيش نه ٿيڻ تي اڳوڻي ڊي جي لاهور ڊيولپمنٽ اٿارٽي احد چيمه کي حراست ۾ ورتو هو جنهن تي پنجاب حڪومت جو چوڻ هو ته گرفتاري غير مناسب قدم آهي، اهڙو رويو ڪنهن به صورت برداشت ناهي. نيب طرفان جاري ٿيل پڌرائي ۾ پنجاب حڪومت جي الزامن جي ترديد ڪندي چيو ويو آهي ته احد چيمه جي گرفتاري  بلا جواز ناهي جوابدار اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو، پنجاب حڪومت 20 جنوري 2015ع کي تي ايل ڊي سي سان معاهدي جي تحت اشيانه اقبال اسڪيم ايل ڊي اي کي ڏني، مارچ 2015ع ۾ اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيمه اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي 14 ارب رپين جو ڪنٽريڪٽ پبلڪ پارٽنر شپ تحت ڪاسا ڊويلپرز کي ڏنو، احد چيمه مجرماڻي انداز ۾ نه رڳو پروپوزل ريڪويسٽ تيار ڪيو پر ان سان گڏ پيش ڪندي پاس به ڪرايو. جي وي جا 90 سيڪڙو شيئرز بسم الله انجينئرنگ جي ملڪيت جڏهن ته سپار ڪو ڪنسٽرڪشن ڪي جي وي تحت 9 سيڪڙو شيئرز هئا پر جوابدار سپار ڪو ڪنسٽرڪشن کي ڪاسا ڊويلپرزجي فرنٽ ڪمپني ظاهر ڪيو جيڪو غيرقانوني آهي. پڌرائي ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته پيراگون سٽي جي ڊي ايڇ اي برانچ اڪائونٽ نمبر 0010013691650013 مان پروڪيجٽ جي ڊائريڪٽر نديم ضياءَ جي الائيڊ بينڪ جي اڪائونٽ نمبر 0010010627750021 صادق پوره برانچ ۾ 3 ڪروڙ 90 لک رپيا منتقل ٿيا، رقم منتقل ڪرڻ  جو مقصد موضع تيڍا ۾ 32 ڪنال زمين خريد ڪرڻ هو ۽ بعد ۾ اها زمين جوابدار احد چيمه، ڀاءُ سعود چيمه، ڀيڻ سعديه منصور ۽ ڪزن احمد احسن جي نالي منتقل ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *