گوادر کان چين جي سرحد تائين ترقي نواز شريف جي ڪري آهي: خواجه آصف

سيالڪوٽ ( م ڊ ) پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته گوادر کان چين جي سرحد تائين ترقي نواز شريف سبب آهي، لوڌران ۾ چونڊن هارائيندڙ نواز شريف سان مقابلي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.  سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته 55 سالن کان خدمت جون سفر ڪري رهيا آهيون،  جيڪو شخص پنج سال حڪومت ڪري زال جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهيو اهو ڇا ڪري سگهي ٿو.  هن چيو ته عمران خان بابت  پارٽي وارن کي به خبر ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي،  هاڻي ته اهو به نه ٿو چئي سگهان ته ڪو شرم هوندو آهي ڪو حياءُ هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته پرويز مشرف 21 سال جي نااهلي، 2 ڪروڙ ڏنڊ ۽ 14 سال قيد جي سزا نواز شريف کي ٻڌائي هئي، 17 سالن بعد نواز شريف اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ آباد آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *