سلامتي ڪونسل شام ۾ 30 ڏينهن جي جنگ بندي وارو  ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن واري سلامتي ڪونسل شام ۾ 30 ڏينهن جي جنگ بندي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. ڪويت ۽ سوڊين طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ جي حق ۾ 15 ميمبرن ووٽ ڏنو جنهن موجب 30 ڏينهن جي جنگ بندي دوران متاثرن ۾ امدار پهچائڻ طبي بنيادن تي نيڪال جي اجازت هوندي. ٺهراءُ جي مسودي ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته ان جي منظوري جي 72 ڪلاڪن بعد 30 ڏينهن لاءِ سڄي ملڪ ۾ جنگ بندي هوندي تنهن هوندي ووٽنگ کان پوءِ انساني حقن جي ڪارڪنن جو چوڻ هو ته فضائي بمباري مسلسل جاري آهي. اهو ٺهراءُ شامي حڪومت جي فوجي دستن ۽ فضائيه طرفان باغين جي قبضي هيٺ شهر اوڀر غوطه تي مسلسل هڪ هفتو بمباري کي نظر ۾ رکندي پيش ڪيو ويو هو. ٺهراءُ جي مسودي موجب 48 ڪلاڪن بعد طبي بنيادن تي نيڪال ۽ امدادي سامان پهچائڻ جو آغاز ڪيو ويندو جڏهن ته جنگ بندي سان متاثر علائقي ۾ 50 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي امداد جي سخت ضرورت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *