نقيب قتل ڪيس: روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اشتهاري مهم شروع

ڪراچي (م ڊ) پوليس نقيب الله محسود قتل ڪيس ۾ نامزد 16 روپوش جوابدرن جي گرفتاري لاءِ اشتهاري مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس موجب ڪيس ۾ روپوش ٿيل 16 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اشتهاري مهم شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سوشل ميڊيا جو به ڀرپور استعمال ڪيو ويندو، سمورن جوابدارن جي تصوير لڳائي اشتهار جاري ڪيا پيا وڃن.  پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي ملير عديل چانڊئي جي ماتحت سوشل ميڊيا سيل قائم ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار کانسواءِ ٻين 15 جوابدارن کي ماڻهو نه ٿا سڃاڻن، تنهن ڪري رائو انوار سميت سمورن جوابدارن جون تصويرون ميڊيا تي نشر ڪيون وينديون، جوابدارن جي سڃاڻپ، نالا ۽ تصويرن سان اشتهار گرفتاري ۾ مددگار ثابت ٿيندا.  پوليس ذريعن موجب جوابدارن جا مختلف وڊيو به سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيا ويندا، اشتهاري مهم کانپوءِ جوابدارن جو ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ لڪڻ مشڪل ٿي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *