اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اڳوڻي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جي ڪوشش آهي ته ادارن کي ڪمزور ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪڏهن چون ٿا ته سينيٽ جي اليڪشن مان هن کي ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته هن کي سينيٽ مان ناهي ڪڍيو ويو. هن چيو ته جڏهن ادارا ڪمزور ٿيندا آهن ته ملڪ ڪمزور ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن به ادارن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. هن چيو ته پنجاب ۾ بيورو ڪريسي ۾ هڪ سازش جي تحت بغاوت ڪرائي پئي وڃي، هنن کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن ننڍو صاحب به ڪري پيو ته پوءِ ڇا ٿيندو. هن چيو ته اسان 4 سالن کان چئي رهيا هئاسين ته توهان پرڏيهي وزير مقرر ڪيو، تنهن هوندي اسان جي نه ٻڌي وئي، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته انڊيا پاڪستان خلاف عالمي سازشون ڪرڻ لڳو، انهن شين جو مقابلو اسان پنهنجي دور ۾ ڪيو هو. هن چيو ته ڀارت جي مسلمانن سان گڏ ڏسو ڪهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڀارت ۽ مودي جو ڌيان رڳو پاڪستان جي مخالفت ڏانهن آهي. هن چيو ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي هر فورم تي اثر استعمال ڪري رهيو آهي، اسان جي نالائقي جو فائدو ڀارت کڻي رهيو آهي ۽ توهان ان آڙ ۾ آهيو ته ڀارت توهان جو دوست بڻجي وڃي. هن چيو ته ميان صاحب ڪميشن کان سواءِ ڪو به ڪم ناهي ڪندو، هن چيو ته پختونن ۽ بلوچن کي پنهنجو حصو نه ڏنو ويو، رڳو لاهور کي ڏنو ويو آهي جڏهن ته پنجاب جا به ڪيترائي علائقا پٺتي پيل آهن. پنجاب ۾ به توهان جتي وڃو، آئون تونسه شريف ويس ته اتي به روڊن جي حالت خراب هئي. پ پ جي تازي ننڍي چونڊ جي دوران ناقص ڪارڪردگي بابت سوال تي سندس چوڻ هو ته جڏهن صوبائي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي هجي ته ووٽ وٺڻ آسان هوندو آهي، ن ليگ اين اي 120 ۾ 4 ارب رپيا خرچ ڪيا. هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر انهن جو پنهنجو آهي، ايس ايڇ اوز پنهنجي ويهاريا ويا آهن، پنجاب ۾ سياست ئي ايس ايڇ اوز جي هوندا آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي فورم تي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو جهڙي ريت پاڪستان جو بچاءُ ڪيو آئون پاڻ به نه پئي ڪري سگهيس. عمران خان جي شادي بابت سوال تي سندس چوڻ هو ته اهو سندس ذاتي مسئلو آهي، منهنجو ان سان ڪو به تعلق ناهي، هو ٽي شاديون ڪري يا چار سندس مرضي اٿس.