سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ خيبر پختونخواهه حڪومت جي سياحت واري صلاحڪار عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. پي ڪي 88 شانگلا مان چونڊيل تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر عبدالمنعم کي عدالت ڪوڙن دستاويزن جي بنياد تي اسڪول ٽيچر جي پگهار وٺڻ جي الزام ۾ نااهل قرار ڏنو. سپريم ڪورٽ عبدالمنعم جي مقابلي ۾ اميدوار شير عالم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل اڪرم شيخ دليل ڏيندي چيو ته عبدالمنعم گوسڙو استاد آهي جيڪو سرڪاري پگهار وٺي رهيو هو. فريادي جي وڪيل پنهنجن دليلن ۾ چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جعل سازي جي باوجود جوابدار جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ اسيمبلي ميمبر عبدالمنعم کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ان حوالي سان پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو به ڪالعدم قرار ڏنو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *