نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي: نواز شريف ۽ مريم نواز احتساب عدالت ۾ پيش

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي لاءِ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا. اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف، ڌي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن صفدر اسلام آباد جي احتساب ۾ پيش ٿيا، احتساب عدالت جو جج محمد بشير شريف فيملي جي خلاف داخل نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو.  ٻڌڻي دوران شريف فيملي جي وڪيل خواجا حارث جوي برطانوي شاهد رابرٽ ريڊلي تي جرح جاري آهي. برطانوي شاهد رابرٽ ريڊلي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته 360 قسمن جا فونٽ موجود آهن، 2005ع کان پهرين ڪيلبري سميت 6 ڪليئر فونٽ موجود هئا، 2005ع ۾ ڪيلبري فونٽ جي مختلف قسم موجود هئا جڏهن ته مون پنهنجي رپورٽ ۾ ناهي ٻڌايو ته ڪيلبري فونٽ جا قسم موجود هئا، ڪيلبري فونٽ جي ڊيزائن تيار ڪندڙن کي 2005ع ۾ به ايوارڊ ڏنو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *