ڪنهن سان ڇڪتاڻ نه ٿا چاهيون، ملڪي بقا لاءِ قانون جي حڪمراني ضروري آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ جي بقا قانون جي حڪمراني ۾ آهي، ڪنهن سان ڇڪتاڻ نه ٿا چاهيون. اسلام آباد ۾ وڪيلن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته  عدليه جي ڪارڪردگي هڪ سال جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. هن چيو ته معاشري مان ناانصافي جي خاتمي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ماڻهن کي جلد ۽ سستو انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته بدقسمتي سان اسان پنهنجي رخ تان هٽي ويا آهيون، اسان معاشري جي براين سان وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته  اسان کي اهڙن ماڻهن جي حقن جي جنگ وڙهڻي آهي جن وٽ طاقت ناهي، قانون جي عملداري ۽ مضبوط عدالتي نظام ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته 43 ريفرنسز نبيري چڪا آهيون، جون تائين شايد سمورا ريفرنس اڪلائي وينداسين. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته وڪيل منهنجا سپاهي آهن، سٺو ڪم ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي، ڪنهن تي ٿورو نه ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته منظور قادر پاڪستان جو سڀ کان وڏو وڪيل آهي. سندس چوڻ هو ته مان هر ڪم قانون جي عين موجب ڪندو آهيان.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *