اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن چونڊ سڌارا ڪيس جي فيصلي ۾ نواز شريف کي پارٽي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏنو ۽ گڏئي سندس پارٽي صدر طور ڪيل فيصلن کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالتي فيصلي بعد نواز شريف جي پارٽي صدر طور سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن کي ڏنل ٽيڪس به رد ٿي وئي. تفصيل موجب مسلم ليگ (ن) سينيٽ چونڊن جي حوالي سان اهم فيصلو ڪيو ۽ پارٽي چيئرمين راجه ظفر الحق جي صحيح سان اميدوارن کي ٽيڪس جاري ڪئي. راجه ظفر الحق اليڪشن ڪميشن جي آفيس وڃي اميدوارن جي فارم تي صحيون ڪيون ۽ ٽڪيٽ جمع ڪرائي.