نواز شريف فوج کان بچڻ لاءِ مودي سان ڳجهي ملاقات ڪئي: عمران خان

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناما ۾ پڪڙيل شخص پرڏيهي لابي کان مدد حاصل ڪري رهيو آهي، ڊان ليڪس ۾ پاڪ فوج کي اهو ئي چيو ويو جيڪو ڀارت چوندو آهي. لاهور ۾ ختم نبوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته  مسلم ليگ ن 1973ع جي آئين ۾ ڳجهي نموني ترميم ڪئي، ن ليگ طرفان ڪنهن شرارت ڪئي اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن سمجهو ته ڪنهن کي خبر ئي نه پوندي، ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ جو قوم انتظار ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته  نواز شريف مودي سان ڳجهي ملاقات فوج کان بچڻ لاءِ ڪئي. عمران خان چيو ته نواز شريف پرڏيهي طاقتن کي خوش ڪرڻ لاءِ ختم نبوت قانون ۾ ترميم ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *