مشرف وزارت عظميٰ جي آڇ ڪئي هئي: شهباز شريف

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پرويز مشرف مون کي وزارت عظميٰ جي آڇ ڪئي هئي. مشرف کي چيو هو ته توهان جي آفر جي مهرباني، پر نظام تحت آفر قبوليندس. تفصيل موجب پنجاب ليجنڊ اٿارٽي ۽ نادرا ۾ معاهدي جي تقريب ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته هاري پيڪس سان ملڪ جي ساڍا 5 ڪروڙ هارين کي فائدو ٿيندو. اڄ پنجاب جا 23 هزار معاوضا مڪمل ڪمپيوٽرائزڊ ٿي چُڪا آهن. هن چيو ته اسان جي ڪيل ڪمن جي ڪري پٽوار ڪلچر جو جنازو نڪري پيو آهي. ميرٽ تي ڀرتي باوجود پٽوار ڪلچر جون خرابيون ٻيهر پيدا ٿي ويون. اسان کان اڳ لکين رپيا وٺي ڀرتيون ڪيون ويون هوون. نظام ايترو ڪرپٽ آهي جو منهنجي اجازت کان سواءِ 55 نائب تحصيلدار لڳايا ويا آهن. هن چيو ته مون نوٽيس وٺي تحصيلدارن کي فارغ ڪيو. سو سيڪڙو ڪرپشن ته شفافيت ۾ نمبر ون ڊنمارڪ ختم نه ڪري سگھيس. اسان به ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڪرپشن تي جيترو ممڪن ٿي سگھي قابو ڪريون. تقريب خطاب ڪندي هن چيو ته نائب تحصيلدار يا پٽواري اراضي سينٽرل ۾ داخل نٿو ٿي سگھي. معاهدي جي نتيجي ۾ 3700 مراڪز فرد برائي ريڪارڊ جي سهولت ڏينداسين. هن چيو ته ٻين صوبن گلگت ۽ آزاد ڪشمير کي رضا ڪارانه مرڪزن جي آڇ ڪئي آهي. صوبن نظام اختيار ڪيو ته پاڪستان جو نظام نمبر ون ٿي اُڀرندو. شهباز شريف ٻُڌايو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف کيس وزارت عظميٰ جي آڇ ڪئي هئي. مشرف کي چيم ته توهان جي آفر جي مهرباني، پر نظام تحت آفر قبول ڪندس.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *