سڌو چيو وڃي ته ن ليگ کي اليڪشن ۾ حصو ناهي وٺڻ ڏيڻو: طلال چوڌري

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ طرفان اليڪشن ايڪٽ 2017 واري فيصلي بعد ن ليگي اڳواڻ طلال چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پارليامينٽ قانون بڻائيندي آهي ۽ ان تي عملدرآمد ٿيندو آهي، اسان کي سڌو چيو وڃي ته ن ليگ کي اليڪشن ۾ حصو ناهي وٺڻ ڏيڻو. هن چيو ته غدار پرويز مشرف پارٽي جو سربراهه بڻجي سگهي ٿو جڏهن ته ڪرپٽ ۽ دهشتگرد به پارٽي  جا سربراهه  بڻجي سگهن ٿا پر نواز شريف نٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ائين ڪرڻ سان نواز شريف مائنس نه ٿيندو، نواز شريف ناليوارو ليڊر آهي، پارليامينٽ آئين بڻائيندو آهي هو جيڪا چاهي تبديلي ڪري سگهي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *