اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا آهين ته پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ نواز شريف کي ڪٿي به گاڊ فادر يا سسلين مافيا ناهي چيو ويو. سپريم ڪورٽ 28 جولاءِ تي پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌايو هو جنهن ۾ بينچ جي ميمبر جسٽس آصف سعيد کوسا هڪ نوٽ به لکيو هو جنهن ۾ مشهور ناول گاڊ فادر جو حوالو ڏنو هو جنهن بعد مسلم ليگ ن جي اڳواڻن ججن جي نوٽ تي سخت تنقيد ڪئي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته ان دوران پاناما ڪيس جو ذڪر به ٿيو. ٻڌڻي دوران پاناما ڪيس ٻڌندڙ عدالتي بينچ جي ميمبر جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته پاناما ڪيس فيصلي ۾ نواز شريف کي ڪٿي به گاڊ فادر يا سسلين مافيا ناهي چيو، اڄ ڪلهه ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون هلي رهيون آهن جيڪي عدالت سان سلهاڙيون پيون وڃن پر ججن اهڙيون ڪي به ڳالهيون ناهن ڪيون. معزز جج ايڊيشنل اٽارجي جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل صاحب ڇا توهان پانامان جو فيصلو پڙهيو، ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو جي ها پڙهيو آهي. جسٽس آصف سعيد ريمارڪس ڏنا ته مون کي ٻڌايو ته پاناما بابت فيصلي ۾ اهڙي ڳالهه هجي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ائين ته ناهي لکيو ويو. معزز جج چيو ته وفاقي جو نمائندو چي رهيو آهي ائين ناهي چيو ويو، سسلين مافيا جي ڳالهه ٿي، نهال هاشمي بيان ڏنو ته زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين، پڇيو ويو ججن جي ٻارن کي ته سسلين مافيا قتل ڪندي هئي. جسٽس آصف سعيد کوسا جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ سوال ٿي ڪري ڪنهن سياسي پارٽي جو سربراهه ڇا اسمگلر، قاتل، چور يا ڌاڙيل ٿي سگهي ٿو، ڪيترائي لفظ ختم ڪري ڪجهه لفظ لڪايا ويندا آهن، سپريم ڪورٽ سان اهي ڳالهيون نه سلهاڙيون وڃن جيڪي اسان فيصلي ۾ چيون ئي ناهن.