جنهن کي به ن ليگ ۾ رهڻو آهي نواز شريف جي ڳالهه مڃڻي پوندس: راڻا ثناءُ الله

لاهور(م ڊ) پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نواز شريف ن ليگ جو سربراهه آهي، سندس اڳواڻي ۾ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي ڪمنٽمنٽ ڪئي آهي ۽ ڪو به عدالتي فيصلو اسان جي ڪمنٽمنٽ کي ٽوڙي نٿو سگهي. راڻا ثناءُ الله نواز شريف جي پارٽي صدارت جي حوالي سان نااهل وارو فيصلو اچڻ  تي ميڊيا سان ڳالهين دوران چوڻ هو ته سينيٽ جي اليڪشن کي ڪو به خطرو ناهي، قانون سازي پارليامينٽ جو حق اسان جو اصولي موقف آهي جڏهن ته فيصلي جي تفصيل ڏيڻ کان سواءِ گڏيل تبصرو نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته سينيٽ لاءِ پارٽي ٽڪيٽ رد ٿيل اميدوار آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهي سگهن ٿا. نواز شريف ڪهڙي به حيثيت ۾ هجي پارٽي سندس موجب ڪم ڪندي، جنهن کي پارٽي ۾ رهڻو آهي ان کي سربراهه جي ڳالهه مڃڻي پوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *