اسلام آباد(بيورو) قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ جاويد اشرف قاضي، ليفٽيننٽ جنرل ريٽائرڊ سعيد اظفر، ميجر جنرل ريٽائرڊ حامد حسين بٽ، اقبال صمد خان، خورشيد احمد خان، بريگيڊيئر ريٽائرڊ اختر علي بيگ، عبدالغفار، محمد رمضان شيخ، حسنين، پرويز لطيف قريشي ۽ داتو محمد خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني، جوابدارن تي مبينا طور تي پنهنجي اختيارن کي ناجائز استعمال ڪندي قومي ناڻي کي تقريبن 2 ارب رپين جو نقصان رسايو. اجلاس ۾ اڳوڻي چيئرمين واپڊا طارق حميد، اڳوڻي پاور واپڊا جي ميمبر محمد انور خالد، اڳوڻي واٽر واپڊا جي ميمبر محمد مشتاق، اڳوڻي واپڊا جي فنانس واري ميمبر امتياز انجم ۽ ٻين خلاف بدعنواني ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظري ڏني. جوابدارن تي مبينا طور تي پنهنجي اختيارن کي ناجائز استعمال ڪندي نيپرا، پيپرا ۽ اي سي سي جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي 150 ميگا واٽ جو رينٽل پاور پراجيڪٽ ميسرز جنرل اليڪٽرڪ انرجي پرائيويٽ لميٽڊ کي ٺيڪو ڏنو جنهن سان قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان رسيو. بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيپٽل ڊويلپمنٽ اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرمين فرخند اقبال، اسٽيٽ جي اڳوڻي ميمبر خالد محمود مرزا، اڳوڻي فنانس ميمبر سي ڊي اي جاويد جهانگير ۽ ٻين خلاف انويسٽي گيشن جي منظوري ڏني. انهن تي مبينا طور تي الزام آهي ته هنن پنهنجن اختيارن جو جانائز استعمال ڪندي واپاري پلاٽن کي ڀڳڻن مٺ وڪرو ڪيو جنهن سان قومي ناڻي کي تقريبن 494.333 ملين رپين جو نقصان رسيو. نيب اجلاس سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻين ۽ سنڌ اسمال انڊسٽري ڪارپوريشن ۾ غير قانوني مقرريون ڪرڻ ۽ غير قانوني طور تي سرڪاري پلاٽن جي الاٽمنٽ جي الزام ۾ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير عبدالرئوف صديقي، محمد عادل صديقي، ڊاڪٽر ثروت فهيم، مشتاق علي لغاري، محمود احمد، غلام نبي مهر، عبدالحئي ڌامراهه، سيد امداد علي شاهه، سيد اميد علي شاهه ۽ ٻين خلاف ٻه ٻه الڳ الڳ انويسٽي گيشن جي منظوري ڏني. جوابدارن مبينا طور تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي قوني ناڻي کي تقريبن 435.4 ملين رپين جو نقصان رسايو. اجلاس ۾ پشاور ڊويلپمنٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل صاحبزاده سعيد احمد، اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل سيد ظاهر شاهه، ڊائريڪٽر جنرل سير محمد،اڳوڻي جنرل مينيجر محمد طارق ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر عبدالحليم پراچا ۽ ٻين خلاف انڪوائري جي منظوري ڏني. جوابدارن تي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي پلاٽن جي الاٽمنٽ ۾ پلان مالڪن جي رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي پلاٽ جي ڀرسان زمين ڏيڻ جو الزام آهي. جنهن سان قوني ناڻي کي تقريبن 75.27 ملين رپين جو نقصان رسيو. اجلاس ۾ طماش خان اڳوڻي ناظم/ايم پي اي پشاور جي خلاف انڪوائري جو فيصلو ڪيو ويو جنهن تي آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جو الزام آهي. ايگزيڪٽو بورڊ پاسڪو جي انتظاميا ۽ ٻين خلاف انڪوائري لاڳاپيل کاتي کي قانون جي موجب ڪارروائي لاءِ واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي صحت واري وزير رحمت بلوچ ۽ ٻين خلاف انڪوائري جو فيصلو ڪيو ويو، انهن تي آمدن کان وڌيڪ اثاثن جو الزام آهي. ايگزيڪٽو بورڊ عدم ثبوتن جي ڪري ڊاڪٽر محمد اسحاق فاني ڊائريڪٽر پروگرام فاصلاتي تعليم بهاو الدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان جي خلاف انڪوائري ۽ فرنٽيئر ڪور آرگنائزيشن ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي آفسرن خلاف انڪوائري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي پڄاڻي تي چيو ته ملڪ مان بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، نيب بنا امتياز ۽ قانون جي موجب ڪارروائين ۽ انويسٽي گيشن کي منطقي انجام تائين پهچائيندي ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به دٻاءُ يا سفارش قبول نه ڪئي ويندي.