اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس امڙ بينظير ڀٽو ثابت ڪيو ته سندس امڙ ثابت ڪيو ته عورتون سمورا ڪم ڪري سگهن ٿيون. برطانوي مئگزين گارجين ۾ لکيل مضمون ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو جنهن سال وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو تنهن سال هوءَ ماءُ بڻي ۽ ساڳي سال ڪتاب به لکيو جيڪا بيسٽ سيلر بڻي. هن چيو ته ڪاميابيون سندس مخالفن کي هضم نه ٿيون ڇاڪاڻ ته هوءَ هڪ عورت هئي. سندس چوڻ هو ته سڀ کان وڌيڪ ڏکيو وقت هو جڏهن بينظير ڀٽو اميد سان هئي ۽ سندس وزارت عظميٰ کي ان ڪري چئلينج ڪيو ويو ۽ کيس عهدي تان هٽائڻ جا مطالبا ڪيا ويا. بلاول ڀٽو زرداري لکيو ته سندس امڙ سخت ڳالهيون برداشت ڪيون ۽ بختاور کي جنم ڏئي ٻي ڏينهن سرڪاري ذميواريون ادا ڪرڻ پهچي وئي. پ پ چيئرمين چيو ته سندس امڙ پنهنجي زندگي ۽ جرئت ذريعي اها ڳالهه ثابت ڪئي ته عورتون سمورا ڪم ڪري سگهن ٿيون. هن چيوته تاريخ مخالفت ڪندڙ سمورن ڄامڙن کي وساري ڇڏيندي ۽ بينظير ڀٽو کي آئيڪون طور هميشه ياد رکندي.