ڪراچي(م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جو خط اليڪشن ڪميشن کي ملي ويو. ايم ڪيو ايم جي ٻنهي ڌڙن طرفان نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ 15 مان 9 اميدوارن دستبرداري جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگين کان شروع ٿيل ايم ڪيو ايم جي اندرين بحران جي شدت ۾ گهٽتائي ناهي آئي، البت سينيٽ لاءِ نامزدگين جو مسئلو هاڻ حل ٿيندي نظر پيو اچي. اليڪشن ڪميشن کي مليل خط موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان 9 اميدوارن دستبرداري جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته ٻنهي ڌڙن طرفان 15 اميدوارن نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. پنج اميدوار ايم ڪيو ايم پاڪستان بهادر آباد گروپ طرفان اليڪشن وڙهندا. اليڪشن وڙهندڙن ۾ فروغ نسيم، نسرين جليل، عامر چشتي، عبدالقادر خانزاده ۽ سنجي پرواڻي شامل آهن. فروغ نسيم ۽ عامر چشتي جنرل سيٽ تي اميدوار هوندا، سنجي پرواڻي اقليتي سيٽ تي ايم ڪيو ايم جو حتمي اميدوار هوندو. ٻئي پاسي احمد چناءِ، حسن فيروزه، علي رضا عابدي، نگهت شڪيل، امين الحق دستبردار ٿيا جڏهن ته ڪامران ٽيسوري جو نالو به اميدوارن ۾ شامل ناهي.