ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڪنور نويد جميل چيو آهي ته فاروق ستار لاڳيتو ميڊيا ۾ غلط بياني ڪري رهيو آهي، هن ڪامران ٽيسوري جي چوڻ تي انيس قائمخاني سان ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم جي مرڪز بهادر آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪنور نويد جميل چيو ته ڪير ڄاڻي واڻي پارٽي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري اها ڳالهه ڪير به برداشت نه ڪندو، غير قانوني عمل کي روڪڻ لاءِ ئي فاروق ستار کي ڪنوينر شپ تان هٽايو ويو، گذريل رات به فاروق ستار کي بهادر آباد اچڻ جي درخواست ڪئي وئي پر هو نه آيو.27