نواز شريف کي گار ڏيندڙ ليکڪ سندس ڪيس به ٻُڌي رهيا آهن: مريم نواز

شيخوپوره (م ڊ) شيخوپوره ۾ مسلم ليگ (ن) جي جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف کي گار ڏيندڙ ليکڪ سندس ڪيس به ٻُڌي رهيا آهن. هن چيو ته ڇا نواز شريف سان انصاف ٿيو؟ ڇا نواز شريف جي نااهلي ۽ ناانصافي کي تسليم ڪندا آهيو؟، اهو رڳو نواز شريف جو ڪيس ناهي پر هر ان وزيراعظم جو ڪيس آهي جنهن کي عوام ووٽ ڏئي چونڊيو پر جيڪو پنج سال مڪمل نه ڪري سگھيو. نواز شريف سان ٽئي ڀيرا ايئن ئي ٿيو، هڪ ڀيري به نواز شريف کي عوام نه ڪڍيو، ڇا ايئن ئي پاڪستان جو تماشو بڻجندو رهندو؟. مريم نواز چيو ته جن ليکڪن نواز شريف کي گار ڏني اهي ئي سندس ڪيس به ٻُڌي رهيا آهن ۽ فيصلو به ٻُڌائڻو آهي، جيڪو ليکڪ فيصلو اچڻ کان اڳ گار ڏئي ڇڏي ان جو ڇا فيصلو ٿيندو، ڇا گارين کان اڳ ئي نواز شريف جو فيصلو ٻُڌائي نه ڇڏي آهي؟. مريم  نواز جو چوڻ هو ته اسان جو نظام عدل عو ام ۽ ووٽ ڏيندڙن جو قرضي آهي، ان نظام کي نواز شريف جي گذريل 20 ورهين جو قرض ڏيڻو هو، هنن قرضن جو انبار لڳائي ڇڏيو، نواز شريف تي هاءِ جيڪنگ جي ڪوڙي ڪيس جو قرض ڪير لاهيندو؟، اڄ ليکڪ هن ملڪ جي قسمت جا مالڪ بڻجي چُڪا آهن. مريم نواز وڌيڪ چيو ته مائنس نواز شريف فارمولي تي ڪم ڪندڙن کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو پر نواز شريف کي عوام جو ساٿ ملي ويو، اهو وقت ايندو آئين ۽ قانون تي ٺهيل جي آءِ ٽي بڻجندي جيڪا واٽس ايپ ڪال تي ٺهيل جي آءِ ٽي جي جاچ ڪندي، ليکڪن ۽ عدليه جو سمورو زوت وزيراعظم ۽ سياستدانن تي ئي هلندو آهي پر آمرن جي سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه هوندي اٿن، آئين جي شق 62 ۽ 63 ڪٿي سُمهي وپندي آهي، کين انهن سوالن جا واب هڪ نه هڪ ڏينهن ڏيڻا پوندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *