سينيٽ چونڊون: ايم ڪيو ايم جي ٻنهي گروپن جو پ پ سان رابطو

ڪراچي (م ڊ) متحده قومي موومنٽ پاڪستان جي ٻنهي گروپن سينيٽ چونڊن لاءِ پ پ سان رابطو ڪري ورتو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 5 اسيمبلي ميمبرن اندروني اختلافن جي ڪري پ پ کي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب سنڌ مان سينيٽ چونڊن جي سمورين سيٽن تي پ پ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ جي حڪمت عملي تيار ٿي چُڪي آهي ۽ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سينيٽ چونڊن جي معاملن جي نگراني پاڻ ڪري رهيو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٻِنهي ڌُرين بهادر آباد ۽ پي آءِ بي ڪالوني جي پ پ اڳواڻ سان رابطو ڪيو آهي. پ پ کي سمورين سيٽن تي ڪاميابي لاءِ مخالف ڌُرين جا 15 ووٽ گھربل هوندا جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي 5 ميمبرن پ پ جي اميدوارن کي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف مخالف ڌُرين جي متحد نه ٿيڻ تي سنڌ جي 12 سيٽن مان 10 تي پ پ جي ڪاميابي يقيني آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *