پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته حڪمران هتان مال ڪمائي ٻاهر وڃي تجوريون ڀري رهيا آهن، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ غربت وڌي وئي آهي، پاڪستان ۾ سياسي نظام ناڪام ٿي ويو آهي. واپڊا ڪالوني تاروجبا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اڄ نواز شريف چئي رهيو آهي ته عدالتن ۾ انصاف ناهي، هن پنهنجي اقتدار واري دور ۾ عدالتي نظام سميت ٻين شعبن تي ڌيان ڇو نه ڏنو؟. سندس چوڻ هو ته ملڪ ڪرپشن جي ڌٻن ۾ ڦاٿل آهي، بي روزگاري ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ٻڪرين جيان ميمبر خريد ڪيا پيا وڃن. هن ڀارتي انتهاپسندي تي تنقيد ڪندي چيو ته مودي سرحد وٽ اسڪولي ٻارڙن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، سبب اهو آهي ته اسان جا حڪمران بزدل آهن، نواز شريف ۽ آصف زرداري اقتدار ۾ ٻيهر اچڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، نااهل حڪمرانن سبب ڀارت پاڪستان کي اکيون ڏيکاري رهيو آهن. سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي خانداني سياست جي خلاف آهي، ايم ايم اي کي فعال ڪري رهيا آهيون، صوبي ۾ ايندڙ حڪومت اسلامي هوندي، حڪمرانن کان 70 ورهين جو حساب ورتو ويندو.27