سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي بابت آءِ ايس آءِ رپورٽ مطمئن نه ڪرڻ جوڳي قرار ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ فيض آباد ڌرڻي بابت آءِ ايس آءِ رپورٽ مطمئن نه ڪرڻ جوڳي قرار ڏيئي ڇڏي جڏهن ته جسٽس مظهرعالم چيو ته رپورٽ ۾ ڌرڻي واري جماعت کي رجسٽرڊ قرار ڏنو ويو رجسٽرڊ سياسي جماعت جو سربراهه ڪجهه به ڪري سگهي ٿو ڇا هي حڪومتي رٽ آهي ته ڪوبه شرارتي ملڪ سيل ڪري ڇڏي هي ڪهڙو معاهدو آهي جنهن سان حڪومت ويچاري بڻجي وڃي ٿي جمعي تي سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس مظهرعالم جي سربراهي ۾ فيض آباد ڌرڻو پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي آءِ ايس آءِ ۽ آءِ جي اسلام آباد ڌرڻي بابت رپورٽ پيش ڪئي جنهن تي عدالت اطمينان نه ڪيو خانگي ٽي وي موجب جسٽس مظهرعالم ريمارڪس ڏنا ته رپورٽس ۾ هڪجهڙائي نه آهي رپورٽ ۾ ڌرڻي واري جماعت کي رجسٽرڊ قرار ڏنو ويو، رجسٽرڊ سياسي جماعت جو سربراهه ڪجهه به ڪري سگهي ٿو جسٽس مظهرعالم چيو ته ڪجهه ماڻهو گڏ ڪري شهر بند ڪرڻ سولو آهي ڇا هي حڪومتي رٽ آهي ڪوبه شرارتي ايئن ڪري ملڪ سيل ڪري ڇڏي ڇا ڌرڻي ۾ پاڪستان پينل ڪورٽ جي تحت ڪو جرم ناهي ٿيو. سمورن ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي ويئي فوٽيجز موجود آهن پر ڪائي گرفتاري ناهي ٿي جسٽس مشيرعالم چيو ته ڌرڻي وارا لاهور مان ويا ڪنهن نه روڪيو حڪومت ٻٽ ته بڻيل نه هئي فيض آباد ڌرڻي جي خلاف ڪهڙو ايڪشن ورتو ڪهڙو سبق پرايو ويو صرف رپورٽون فائل ڪرڻ سان ڇا ٿيندو اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڌرڻي دوران هڪ ٻارڙو فوت ۽ 418 گرفتاريون ٿيون ڌرڻن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانوني مسودو تيار آهي جيڪو اکاري تي ڪابينه اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو جسٽس مظهرعالم چيو ته هي ڪهڙو معاهدو آهي جنهن سان حڪومت مفلوج ٿي وڃي ٿي عدالت ڪيس جي ٻڌني ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *