عدليه جو ٻين ادارن جي حدن ۾ اچڻ درست ناهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عدليه جو ٻين ادارن جي حدن ۾ اچڻ درست ناهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته حالت اها آهي ته آمريڪا پاڪستانين کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، سندس چوڻ تي 35 لک افغانين کي پاڪستان آندو ويو، اڄ هو توهان کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن.  خورشيد شاهه چيو ته هاڻي ملڪ ۾ عدليه اچي وئي آهي، عدليه سٺا فيصلا ڪري رهي آهي، سنڌ ۾ هي ٿيڻ گهرجي هو ٿيڻ گهجي پر سٺو ناهي ته ادارا ادارن ۾ اچي وڃن. هن چيو ته نواز شريف پارليامينٽ ۾ ڪل 14 ڏينهن آيو جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حاضري ڏسو هفتي جا 3 ڏينهن مان پنهنجي علائقي ۾ هوندو آهيان پر پارليامينٽ ۾ ايندو آهيان. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي، اسان پنهنجو وقت به پورو ڪيو، پارليامينٽ تنهن وقت سپريم هئي، اسان جا وزير ايوان ۾ موجود ۽ جوابده هوندا هئا، جڏهن وزيراعظم کي خبر ئي ناهي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ته کيس حق ناهي ته وزيراعظم ٿي. خورشيد شاهه چيو ته جنهن ملڪ ۾ پراڻا سياستدان ۽ پارليامينٽرينز پڇن ته هاڻي ڇا ٿيندو ته 20 ڪروڙ عوام جو ڇا ٿيندو. هن چيو ته اڄ پاڙيسري ملڪ جو ننڍو وزير به پاڪستان کي ڌمڪي ڏي ٿو، اڄ آڱر جي اشاري تي وڃي رهيا آهيون جڏهن ته ملڪ جو عوام اڄ به جرئت ۽ غيرت سان بيٺل آهي. خورشيد شاهه چيو ته اسان کي مظلوم، غريب ۽ بکيو پاڪستان نه گهرجي هي پاڪستان امير ترين بڻجي سگهي ٿو، هر شيءَ الله ڏني آهي رڳو عمل ڪرڻ جي طاقت نه ڏني آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *