بهترين اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏينداسين، ايندڙ حڪومت به ن ليگ ٺاهيندي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) ن ليگ صدر نواز شريف پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ووٽ جي تقدس جي بحالي لاءِ پيغام عام ڪن. اڳوڻي وزيراعظم شريف جي صدارت هيٺ پنجاب هائوس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نواز شريف جو چوڻ هو ته ايندڙ چونڊن ۾ بهترين اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏينداسين ۽ ايندڙ حڪومت به ن ليگ ئي ٺاهيندي. هن چيو ته عوام ن ليگ کي لوڌران ۾ ڪاميابي ڏياري اسان جي موقف کي تسليم ڪيو، ڌرڻن ۽ پئسي جي سياست رد ٿي وئي. واضح رهي ته اجلاس ۾ مريم نواز، مريم اورنگزيب، مشاهد الله، طلال چوڌري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي، جنهن دوران سياسي صورتحال ۽ سينيٽ چونڊن سميت نيب ريفرنسز جي ٻڌڻي دوران حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ جي صورتحال تي به غور ڪيو ويو.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *