زينب قتل ڪيس ۾ دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ، سڀاڻي ٻڌايو ويندو

لاهور (اين اين آءِ) دهشتگردي ٽوڙ واري خاص عدالت زينب قتل ڪيس ۾ دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو سڀاڻي ڇنڇر تي ٻڌايو ويندو ڪوٽ لکپت جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت جي جج سجاد احمد لاڳيتو چوٿين ڏينهن زينب قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ڊپٽي پراسيڪيوٽر عبدالرئوف وٽو عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جو پوليگرافي ٻه ڀيرا ڪرايو ويو ۽ يقيني طور تي ٻئي ڀيرا ساڳيو نتيجو آڏو آيو ڊپٽي پراسيڪيوٽر جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار جي ڪپڙن معصوم زينب جو سوئٽر ۽ ڪپڙن جو فرانزڪ ٽيسٽ به ڪيو ويو ان موقعي تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر فراح فيض عدالت کي ٻڌايو ته 4 سي سي ٽي وي فوٽيجز به ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا جيڪي جوابدار جي نشاندهي ڪن ٿيون هن ٻڌايو ته جوابدار جي آڊيوز ۽ وڊيوز جي فرانزڪ رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي ويئي جنهن ۾ به جوابدار عمران جي ئي نشاندهي ٿئي ٿي استغاثا پاران زينب جي پوسٽ مارٽم رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي ويئي جنهن ۾ زينب سان ريپ جا ثبوت مليا آهن عالت ضابطئه فوجداري جي قلم 342 تحت جوابدار جو بيان قلمبند ڪيو استغاثا پاران زينب ڪيس جي جوابدار عمران جي خلاف 56 شاهد پيش ڪيا ويا عدالت حتمي بحث مڪمل ٿيڻ کان پوءِ زينب قتل ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 17 فيبروري تي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ٻڌايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *