افغانستان ۾ طالبان خلاف مدد تي پاڪستان جي امداد بحال ٿي سگهي ٿي: آمريڪا

واشنگٽن (اين اين آءِ) ٽرمپ انتظاميه ڪانگريس کي چيو آهي ته هو ايندڙ مالي سال لاءِ پاڪستان جي سول ۽ عسڪري امداد لاءِ 33 ڪروڙ 60 لک ڊالر واري امداد منظور ڪري ڇو ته ان دليل ڪيل فوجي امداد سان القاعده ۽ عسڪريت پسند گروپ داعش کي شڪست ڏيڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽرمپ انتظاميه پاران تجويز ڪيل امداد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ ڪروڙ ڊالر گهٽ آهي جڏهن ته دفاعي امداد جو تعلق پاڪستان پاران پنهنجي سرزمين تي دهشگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جي خلاف ڪارروائي سان مشروط آهي انتظاميه پاران تجويز ڪيل فوجي امداد ۾ پرڏيهي فوجي امداد (ايف ايم ايف) فنڊ مان 80 ڪروڙ ڊالر شامل ڪيا ويا آهن جيڪي گذريل مالي سال جي 19 ڪروڙ ڊالر جي ڀيٽ ۾ 2 ڪروڙ ڊالر گهٽ آهن ساڳي طرح 2017 ۾ انتظاميه پاران پاڪستان جي لاءِ 24 ڪروڙ 22 لک 50 هزار ڊالر وصول ڪيا ويا هئا جڏهن ته 2019 جي مسودي ۾ 2017 کان ايف ايم ايف جي فنڊن کي به جمع ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ پرڏيهي امڪاني آپريشن (او سي او) جا 24 ڪروڙ 22 لک 50 هزار ڊالر شامل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *