اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان تي ڀارتين کي ويزا نه ڏيڻ وارو الزام بي بنياد آهي. پاڪستان 173 سکن جي اچڻ جا مڪمل بندوبست ڪيا هئا. تفصيل موجب پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان تي ڀارتين کي ويزا نه ڏيڻ وارو الزام بي بنياد آهي. پاڪستان 173 زيارتين جي اچڻ جا مڪمل انتظام ڪيا هئا. ترجمان موجب ڀارتين کي پاسپورٽ زبردستي پاڪستاني سفارتخاني کان واپس وٺڻ جو چيو ويو. ڀارت مان اين او سي نه ملڻ تي هنن کي پاسپورٽ واپس وٺڻا پيا. ان کان پهرين به ڀارت سک زيارتين کي پاڪستان اچڻ کان روڪيو هو. ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارت اجمير ويندڙ زيارتين کي به ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ڀارت جو رويو 1974 واري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. ڀارتي رويي سان عوامي رابطا وڌائڻ وارين ڪاوشن کي نقصان رسندو. ڊاڪٽر فيصل وڌيڪ چيو ته ڀارتي بچاءَ واري وزير جي پاڪستان تي الزام تراشي رد ڪيون ٿا. ڀارت کي بنا ثبوتن جي پاڪستان تي الزام نه مڙهڻ گهرجي. ڀارتي الزام تراشي جلد بازي تي ٻڌل آهي.