ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته فاروق ستار پنهنجي پارٽي کي سنڀالي، ڪامران ٽيسوري جتي وڃي ٿو اتي تباهي پکيڙي ٿو، رائو انوار کي جلد جوابدار طور گرفتار ڪيو ويندو. سينيٽ اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ واري عمل لاءِ ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير رائو انوار جي گرفتاري لاءِ سمورن ادارن کان مدد گهري ورتي آهي، کيس جلد جوابدار طور گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته فاروق ستار پنهنجي پارٽي کي سنڀالي، ڪامران ٽيسوري جتي وڃي ٿو اتي تباهي پکيڙي ٿو. مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم جي پنهنجي مت کسجي وئي آهي جو پارٽي ۾ ڪامران ٽيسوري کي شامل ڪيو آهي.