ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن کي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب 462 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي کان پوءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي سمورن ڌڙن کي پ پ ۾ شموليت جي دعوت ڏيان ٿو، ايم ڪيو ايم وارن کي چوان ٿو ته هاڻ نيشنل ليول جي سياست تي اچن. ڊاڪٽر عاصم حسين پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو خزانو وڏو آهي، پي ٽي آءِ وارا وڏا جلسا ڪري رهيا آهن، اهي پيسا ڪٿان آيا. سندس چوڻ هو ته ڪي پي ڪي معدنيات سان ڀريل آهي، پي ٽي آءِ معدنيات اسمگل ڪري رهي آهي، آصف زرداري کي رڳو سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.