ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پارٽي سربراهه فاروق ستار کي ڪنوينر جي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. ڪنور نويد جميل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فاروق ستار تي ڪيترائي الزام آهن ۽ سندس غفلت سبب اهڙيون حالتون پيدا ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته رابطا ڪميٽي گڏجي فاروق ستار کي پارٽي سربراهه بڻايو هو ۽ هو 22 آگسٽ کان اڳ به پارٽي اڳواڻ هو پر هن رابطا ڪميٽي کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ پارٽي آئين ۾ تبديلي ڪئي. هن چيو ته اسان صورتحال ۾ بهتري لاءِ ڪوششون ڪندا رهياسين، اسان جي ڪوشش هئي ته گهر جو معاملو گهر ۾ ئي رهي. ڪنور نويد جميل چيو ته فاروق ستار جي غفلت سبب ايم ڪيو ايم جي اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽريشن رد ٿي.27