بي سهارن ۽ ظالمن جي ستايل مظلومن جو آواز خاموش ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو) ناليواري قانوندان ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير هميشه لاءِ وڇڙي وئي.  سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير کي دل جي تڪليف سبب خانگي اسپتال داخل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.  عاصمه جهانگير 27 جنوري 1952ع ۾ پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ جنم ورتو. عاصمه جهانگير عدليه جي بحالي واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ڪيو، هر مارشل لا جي دور ۾ بنيادي انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. سپريم ڪورٽ بار جي  اڳوڻي صدر عاصمه جهانگير ڌمڪيون ملڻ باوجود ملڪ نه ڇڏيو ۽ هميشه انساني حقن جي وڪالت ڪئي. عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي سڄي ملڪ ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي آهي. صدر ممنون حسين، چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ ٻين عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته عاصمه جهانگير هڪ فرد نه پر انساني حقن جو آواز هئي. هن چيو ته عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو وڏو ڌچڪو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال مشڪل سان ڀرجي سگهندو. هن چيو ته عاصمه جهانگير آمرن خلاف تحريڪ ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته جمهوريت، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني لاءِ عاصمه جهانگير جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.  پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته عاصمه جهانگير ملڪ ۾ آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ عملي طور متحرڪ انداز ۾ ڪم ڪيو. هن چيو ته عاصمه جهانگير جي قانون جي ميدان ۾ خدمتن کي گهڻي وقت تائين ياد رکيو ويندو. پ پ سينيٽر چوڌري اعتزاز احسن چيو ته عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو وڪيل ڪميونٽي لاءِ وڏو ڌچڪو آهي، هوءَ هڪ دلير وڪيل هئي، هن انساني حقن لاءِ وڏو ڪم ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *