ڪراچي(پ ر) سنڌ جي اطلاعات ، ليبر ۽ ٽرانسپورٽ کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي فلسفي تي عمل ڪيو آهي، روزگار جا موقعا ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام کي رهائشي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ به ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مخدوم بلاول وليج ريذنٽس ايسوسيئيشن جي عهديدارن جي حلف برداري تقريب سان خطاب ڪندي ڪيو. ليبر کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته پ پ پ عوامي پارٽي آهي ۽ اسان عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ترقياتي منصوبا جن ۾ روڊ، پاڻي، سيوريج، تعليم ۽ صحت جي سهولتن تي عملي طور تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ جتي به وڌيڪ ضرورت هوندي هر ممڪن سهڪار ڪندا سين. هن چيو ته عوام معيار زندگي بهتر ڪرڻ لاءِ سموريون جائز سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پوئتي ڪونه هٽندا سين. ان کان اڳ مخدوم بلاول جي سماجي ۽ سياسي شخصيت محبوب عباسي مخدوم بلاول وليج جو پس منظر ٻڌائيندي چيو ته ڪراچي رهائشي اسڪيم شروع ڪرڻ مشڪل هو پر دوستن جي سهڪار سان ۽ گڏيل رابطن سان جديد طور تي ۽ معياري ۽ مهذب تعليمي يافته ادب ۽ فن سان لاڳاپيل ماڻهن ساٿ ڏنو ۽ هاڻي هيءَ آبادي هڪ ماڊل جي طور تي موجود آهي. هن چيو ته اڃا به ڪيترائي ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻا آهن اهي پڻ گڏيل سهڪار سان شروع ڪيا ويندا ۽ ڀرپور سهولتون موجود هونديون.اهڙيون تقريبات ٿينديون رهنديون. تقريب سان مولابخش چنڊ، سياسي اڳواڻ آصف بالادي، صدر اياز گاد، جنرل سيڪريٽري امداد علي شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب ۾ فيملي گالا سان مشهور فنڪارن احمد مغل، نجف علي، خوشبو لغاري، علي گل ملاح، سهراب مشهوري ۽ قادر بخش مٺو پنهنجي فن سان فيمليز کي خوب انجواءِ ڪرايو.