اسلام آباد (اين اين آءِ)سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي تحت نااهلي جي مدي جي تشريح لاءِ 13 درخواستن تي ٿيندڙ ٻڌني دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته تسليم ڪيون ٿا ته آرٽيڪل 62 ون ايف مبهم آهي ۽ ان آرٽيڪل جي تشريح ڪرڻ ڏکيو ٽاسڪ هوندو خميس تي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ جسٽس عمر عطا بنيال جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل پنج رڪني لارجر بئنچ ڄاڻايل درخواستن تي ٻڌني ڪئي ٻڌڻي شروع ٿي ته راءِ حسن نواز جي وڪيل عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن 62 ايف تحت عدالت ڪنهن کي غير ايماندار قرار ڏي ته نااهلي جو مدو ڇا هوندو جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته هڪ اهڙو شخص آيو هو جنهن عدالت ۾ قبول ڪيو ته ان جي ڊگري جعلي آهي ان شخص استعيفا ڏيئي ٻيهر اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ ضمني اليڪشن ۾ هن پهريان کان وڌيڪ ووٽ کنيا چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته غير ايماندار ڊڪليئرڊ شخص جي نااهلي جو مدو ڇا هوندو ان موقعي تي جسٽس عظمت سعيد شيخ ريمارڪس ڏنا ته نااهلي جو مدو ڊڪليئريشن جي برقرار رهڻ تي موجود رهندو عاصمه جهانگير دليل ڏنا ته آرٽيڪل 62 ون ايف موجب وڌ ۾ وڌ مدو پنج سال هئڻ گهرجي جنهن تي جسٽس عظمت سعيد شيخ پڇاڻو ڪيو ته 18هين ترميم ۾ آرٽيڪل 62 ون ايف جو مدو ڇو ناهي لکيو ويو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان جي نظر ۾ آرٽيڪل 62 ۽ 63 آزاد ۽ الڳ الڳ آهن جيستائين ڊڪليئريشن موجود رهندي ته نااهلي موجود رهندي راءِ حسن نواز جي وڪيل عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ ابهام آهي واضح نه آهي ته ڊڪليئرشن ڪهڙي عدالت ڏيندي عاصمه جهانگير جو چوڻ هو ته پارليامينٽ هن وقت تائين آزاد نه آهي 1985 تائين ڪنهن ميمبر جي نااهلي لاءِ عدالتي فيصلو ضروري نه هو هن چيوت ه ان جي مئوڪل راءِ حسن نواز کي ڪمپني ۾ اثاثا نه ٻڌائڻ تي نااهل ڪيو ويو جڏهن ته ڪمپني جو اثاثو وڪرو ٿي چڪو هو جڏهن ته ڪمپني ان جي نالي تي به نه هئي عاصمه جهانگير چيو ته جيڪو ڪم پارليمينٽ ناهي ڪيو هو عدالت ڪيئن ڪري سگهي سياسي معاملن تي فيصلي سازي پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهو تاثر درست نه آهي ته پارليامينٽ آزاد نه آهي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته فرض ڪيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف مبهم آهي عدالت ڪنهن مبهم آرٽيڪل کي ڪالعدم ايمانداري جو تعين ڪري سگهي ٿي بي ايمان شخص ڪجهه عرصي کان پوءِ ايماندار ڪيئن ٿي ويندو ان موقعي تي جسٽس عمر عطا بنيال ريمارڪس ڏنا ته عدالت ٺوس سوال حل ڪري سگهي ٿي هاڻي ڏسڻو هي آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف جو سوال ٺوس آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 62 ون ايف مبهم آهي تسليم ڪيون ٿا ته هن آرٽيڪل جي تشريح ڪرڻ مشڪل ٽاسڪ هوندو چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته ممڪن آهي ته گهٽ کان گهٽ ۽ وڌ ۾ وڌ مدي جو تعين ڪيو وڃي پوءِ ان ڏس ۾ ڪيس ٽو ڪيس فيصلو ڪيو وڃي چيف جسٽس چيو ته هي ادارو قائم دائم رهندي ۽ هن اداري ۾ ڪافي سمجهدار ماڻهو ايندا ٻڌڻي کان پوءِ سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته هاڻي ڪيس ۾ ڪنهن ٻئي کي نه ٻڌنداسين سومر تي اٽارني جنرل دلي لڏي جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪئي ويئي.