ايم ڪيو ايم پاڪستان هڪ هئي، آهي ۽ رهندي: فاروق ستار

ڪراچي (م ڊ) فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪالهه به هڪ هئي، اڄ به هڪ آهي ۽ اڳتي به هڪ رهندي. سينيٽ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته اسان جا مخالف دهل وڄائي رهيا هئا پر ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اميدوارن هڪ ئي پنڊال ۾ فارم ڀريا. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 17 اميدوارن سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي فارم ڀريا پر اسان جي اميدوارن جو انگ 15 ٿئي ٿو، ڇو ته ٻن اميدوارن ٻه ٻه فارم ڀرايا. فاروق ستار چيو ته اسان طرفان خواجا سهيل منصور ۽ قمر منصور جا نالا به غور هيٺ هئا پر قمر منصور بيماري سبب معذرت ڪئي، جڏهن ته خواجا سهيل منصور پنهنجي قومي اسيمبلي جي سيٽ کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اختلاف ٿيندا آهن پر معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهو حل نه ٿيڻ جوڳو مسئلو آهي پر وڏي کان وڏي مسئلو ۽ اختلاف به گڏيل اتفاق راءِ سان حل ٿي ويندا آهن، ظاهري طور اسان ڌار ڌار نامزدگي فارم جمع ڪرايا پر اسان پاڻ ۾ طئي ڪري فارم جمع ڪرايا.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *