ملير (رپورٽ : صابر شاهه) پاڪستان اسٽيل مل جي هزارين ملازمن جو انصاف ليبر يونين جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ اسٽيل مل جي بحالي، 5 مهينن جون پگهارون بند هئڻ ڪرپشن، ميڊيڪل سهولتون، ٽرانسپورٽ سهولتون ۽ ملازمن جون رهتو نه ملڻ خلاف اسٽيل مل کان ملير پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ۽ ملير پريس ڪلب آڏو نيشنل هائي وي تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو، روڊ بلاڪ، ٽريفڪ بند، ٺٽي ۽ ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهي ويون، اسٽيل مل کي ڪرپشن ڪري تباهه ڪندڙن جو احتساب ڪيو وڃي، اسٽيل مل جا هزارين ملازم پگهارون نه ملڻ ڪري فاقاڪشي جي زندگي گذاري رهيا آهن، اسٽيل مل جي ملازمن جو ميڊيڪل بند آهي، سي بي اي يونين هڪ سال تائين انتظار ڪيو ته وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پر هاڻي اسٽيل مل جا هزارين ملازم خاموش نه ويهندا، محمد افضل، ياسين ڄامڙو ۽ ٻيا، خبر موجب؛ پاڪستان اسٽيل مل جي هزارين ملازمن 5 مهينن کان پگهارون نه ملڻ، اسٽيل مل جي بحالي، ڪرپشن ۽ رٽائرڊ ملازمن کي رهتون نه ملڻ خلاف انصاف ليبر يونين سي بي اي جي اڳواڻن چيئرمين محمد افضل، جنرل سيڪريٽري ياسين ڄامڙو، سرور خان نيازي، شيراز جٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هزارين ملازمن اسٽيل مل کان ملير پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري ملير پريس ڪلب آڏو نيشنل هائي وي تي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن ڪري نيشنل هائي وي مڪمل طور بند ٿي ويو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ٺٽي ۽ ڪراچي ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهي ويون، مظاهرين وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان اسٽيل مل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، ڌرڻو جاري هو ته اسٽيل مل جي سي اي او شڪيل منڳڻيجو سي بي اي اڳواڻن سان رابطو ڪري کين خاطري ڪرائي ته ملازمن جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ڌرڻو ختم ڪيو وڃي، سي اي او جي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري کان پوءِ اسٽيل مل جي ملازمن نيشنل هائي وي تان ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي انصاف ليبر سي بي اي يونين جي اڳواڻن محمد افضل، ياسين ڄامڙو چيو ته گذريل اڍائي سالن کان پاڪستان جو فولاد ساز ادارو اسٽيل مل بند آهي ۽ سندس 40 کان وڌيڪ پيداواري يونٽ بند آهن پر وفاقي حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن چيو ته سي بي اي يونين هڪ سال تائين خاموش رهي ته وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي بحالي لاءِ ڪجهه ڪندي پر وفاقي حڪومت اسٽيل مل جي بحالي لاءِ ڪوبه فيصلو ڪري نه سگهي آهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت اسٽيل مل کي ڪرپشن ذريعي تباهه ڪندڙن جو ڪو احتساب ڪيو آهي، هزارين ملازمن کي 5 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، جنهن ڪري سندن گهر ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي، ملازمن جو ميڊيڪل بند ڪيو ويوآهي، جنهن ڪري ملازم هڪ روپي جي گوري وٺڻ لاءِ پريشان آهن، اسٽيل مل جي ملازمن کي گريجويٽ فنڊ به 3 سالن کان بند آهي، 3 سال اڳ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي پنهنجون پينشن ۽ رهتون نه ڏنيون ويون آهن، اسٽيل مل جي ملازمن جون ٽرانسپورٽ جون سهولتون بند ڪيون ويون آهن، ٻئي طرف اسٽيل مل جي هر هڪ وڏي آفيسر جي گهر جي اڳيان 5 کان 7 سرڪاري گاڏيون بيٺل آهن، جيڪي سندن ذاتي استعمال هيٺ آهن ۽ اهي اسٽيل مل جي پيٽرول تي هلي رهيون آهن، ملازمن جا ٻار فيس نه ڏيڻ سبب پرائيويٽ اسڪول وارن ڪڍي ڇڏيا آهن، هنن چيو ته اڄ اسان 3 ڪلاڪ لاءِ نيشنل هائي وي بند ڪيو آهي پر جيڪڏهن اسٽيل مل جي بحالي ۽ ملازمن کي 5 مهينن جو پگهارون ۽ ٻيون سهولتون بحال نه ڪيون ويون ته اسانجو ٻيو نيشنل هائي وي تي ڌرڻو انتهائي طويل هوندو.