عاصما راڻي قتل ڪيس: انصاف ڪرڻ ويٺا آهيون ۽ هر صورت ۾ انصاف ٿيندو: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ شاگردياڻي عاصما راڻي جي قتل جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته اسان هتي انصاف لاءِ ويٺا آهيون ۽ هر صورت ۾ انصاف ٿيندو. چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ عاصما راڻي جي قتل جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس خيبر پختونخواهه جي آءِ جي صلاح الدين محسود کي مخاطب ٿيندي چيو ته آءِ جي صاحب هوشيار رهجو، اسان توهان جي ڀاڙي رهيا آهيون، جنهن تي آءِ جي عدالت کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت جو ڪو اثر ناهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪيسن جي نوعيت سبب وقت لڳي ويندو آهي پر اسان شفاف طريقي سان جاچ اڳتي وڌائي رهيا آهيون، جڏهن ته ڏوهاري جي ريڊ وارنٽ لاءِ درخواست لکي وئي آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڪو اثر نظر آيو ته ڪيس جي جاچ ڪي پي مان منتقل ڪري ڇڏينداسين، اسان هتي انصاف ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيون ۽ هر صورت ۾ انصاف ٿيندو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار پي ٽي آءِ ضلعي ڪوهاٽ جي صدر آفتاب عالم کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان ٻڌو هو پٺاڻ ڏاڍا غيرت مند هوندا آهن، توهان پنهنجي ڀائٽي کي ڇو ڀڄڻ ڏنو؟ جيڪڏهن ڀائٽي کي واپس آڻيندئو ته توهان جي عزت ٿيندي ۽ برادري جو نالو به اوچو ٿيندو، اسان حفاظتي ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. عدالت چيو ته متاثر خاندان الزام هنيو آهي ته تحريڪ انصاف ڪوهاٽ جي ضلعي صدر ڌمڪيون ڏنيون، جڏهن اسان ضلعي صدر کان پڇيو ته هن الزام مڃڻ کان انڪار ڪيو. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري درخواست ڪئي ته حڪم مان پي ٽي آءِ جو نالو ڪڍي ڇڏيو، جڏهن ته چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جو ذڪر ڪنهن به صورت ۾ نه ڪڍيو ويندو، جيڪو الزام آهي اهو آهي ۽ اهو الزام متاثر خاندان هڻي رهيو آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *