اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم خلاف 6 درخواستن تي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان ڪو به پيش نه ٿيو جنهن تي عدالت هڪ طرفي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران مسلم ليگ ن اڳواڻ راجا ظفر الحق پيش ٿيو ۽ عدالت کي آگاهه ڪيو ته نواز شريف ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. نواز شريف طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته بل پارليامينٽ پاس ڪيو ۽ کيس پارٽي صدر چونڊيو آهي، مان ڪابه درخواست نه ڏني آهي تنهن ڪري ڪيس ۾ ڌر نه ٿو ٿيڻ چاهيان. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن نواز شريف حصو نه ٿو ٿيڻ چاهي ته هڪ طرفي ڪارروائي جاري رکي ويندي. چيف جسٽس چيو ته پبلڪ نوٽيس جاري ڪيو هو جيڪو نواز شريف وصول به ڪيو، جيڪڏهن هو ڪارروائي جو حصو نه ٿيڻ چاهي ته سندس مرضي آهي. چيف جسٽس ليگي اڳواڻ راجا ظفر الحق سان ڳالهائيندي چيو ته اهو واعدو ئي ڪهڙو جيڪو وفاق ٿي وڃي. راجا ظفر الحق عدالت کي ٻڌايو ته مسلم ليگ ن طرفان ايڊووڪيٽ سلمان اڪرم راجا پيش ٿيندو. ٻڌڻي دوران قومي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ڪامران مرتضيٰ به عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته مان اسپيڪر اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين رضا رباني طرفان پيش ٿيو آهيان. سپريم ڪورٽ چيو ته اسان ته کين ڌر نه بڻايو آهي. ڪامران مرتضيٰ چيو ته 6 درخواستن ۾ اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جا نالا شامل آهن. چيف جسٽس اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جو نالو خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو.