اسلام آباد (بيورو) جميعت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اسان کي پنهنجي ترجيحن جي حوالي سان پرڏيهي پاليسي بڻائڻي پوندي، آزادي جي شيدائين کي آزادي کان محروم نٿو رکي سگهجي، ڪشميرين تي ظلمن کي فوري طور روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. پنهنجي بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته نائن اليون کان پوءِ دنيا جو سياسي منظر نامو تبديل ٿيو آهي، عالمي سياست جي ترجيح تبديل ٿي چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا جي ڪردار کي 2012ع جي ڪري ڏسڻو پوندو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان 15 سالن قربانيون ڏنيون، اسان جي قربانين کي ساراهيو نه پيو وڃي ويتر ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.