خيرپور جي ھندو پنچائت طرفان ڇٽي چوڪ کان پريس ڪلب خيرپور تائين ڪشميرين سان يڪجھتي لاءِ ريلي

خيرپور(ڊ ر) خيرپور جي ھندو پنچائت طرفان ڇٽي چوڪ کان پريس ڪلب خيرپور تائين ڪشميرين سان يڪجھتي لاءِ ريلي ڪڍي وءي ، ريليء جي اڳواڻي مکي ھري مل گهرمڪ داس شنڪر لعل ڀاونداس ڪاءونسلر منظور علي شيخ عبدالوھاب سومرو ۽ ٻيا ڪري رھيا هئا، ريلي پريس ڪلب پھچڻ تي جلسي جي صورت اختيار ڪري وءي جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ت مودي سرڪار ڪشميرين مٿان ظلم جي انتھا ڪري پنهنجي اصليت ظاهر ڪري رھيو آهي ، ھن ن چيو ت اقوم متحده جي ڪيل فيصلي جي ڀنڃڪڙي خلاف ڀارت کي روڪيو وڃي ، اسان پھرين پاڪستاني پوء ھندو آھيون ، ان موقعي تي پاڪستان زندا آباد جا نعرا پڻ هنيا ويا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *