اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار اسلام آباد ايف 8 جي فٽبال گرائونڊ ۾ حددخلين جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي چيئرمين ڪئپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي کان ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا تي خبر نشر ٿي هئي ته اسلام آباد بار ايسوسيئيشن جا وڪيل ايف 8 ڪورٽ لڳ گرائونڊ ۾ چيمبر تعمير ڪري رهيا آهن خيال رکي ته ان حوالي سان وڪيل گرائونڊ جي اڌ حصي تي پنهنجي چئمبر تعمير ڪري چڪا آهن انهيءَ دوران ڪجهه فورمن تي اڏاوت جي خلاف اٿندڙ آواز جي ڪري عارضي اڏاوت جو سلسلو بند ڪيو ويو جڏهن ته ڊسمبر 2016 تي ٻيهر چيمبر جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿي ويو.