نواز شريف جي سوچ جي ٽي روڊ ۽ شهباز شريف جي سوچ لاهور تائين محدود آهي: آصف زرداري

لاهور (م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب سان ڪئي، کيس ڪشمير نه پر ڀارت سان واپار عزيز آهي، گهڻو اڳ چيو هو ته نواز شريف گريٽر پنجاب جو نعرو هڻندو. لاهور ۾ ڪارڪنن جي وفد سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته ميان صاحب هيءَ ڌرتي به توهان کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڌرتي جي ٻوجهه بڻجڻ جي ڪري توهان کي ڪڍيو ويو. هن چيو ته شريف خاندان ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو، ملڪ کي قرض ۾ ٻوڙڻ جو گناهه معافي جوڳو آهي، نواز شريف جي سوچ جي ٽي روڊ ۽ شهباز شريف جي سوچ لاهور تائين محدود آهي، نواز شريف جي ٽي روڊ جو وزيراعظم هو ۽ شهباز شريف لاهور جو وڏو وزير آهي. سندس چوڻ هو ته تخت رائيونڊ بلوچستان کي ڪالوني بڻائي ڇڏيو هو، اسان بلوچن کي گڏ کڻي هلنداسين، سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *