حيدرآباد: (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي سوات ۾ خودڪش حملي ۾ 11 فوجي جوان شهيد ٿيڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عالمي طاقتون پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ دهشتگرديءَ جا واقعا ڪرائين ٿيون. ڪڏهن بلوچستان، ڪڏهن پنجاب ته ڪڏهن خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ته ڪڏهن سرحدن تي حملا ڪرايا وڃن ٿا. دشمن طاقتون سي پيڪ کي ناڪام بڻائڻ چاهين ٿيون. خراب حڪمراني، ڪرپشن ۽ سياسي ٽڪراءُ جي ڪري دهشتگردن کي فائدو ٿي رهيو آهي. هن اهڙو اظهار بي 48 پرنس ٽائون حيدرآباد ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڪيو.