ليبيا جي سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏي وئي، 8 پاڪستانين سميت 10 ڄڻا فوت

طرابلس(م ڊ) ليبيا جي سمنڊ ڪناري ڀرسان ٻيڙي ٻڏڻ سبب 8 پاڪستانين سميت 10 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري موجب ليبيا جي سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ سبب هن وقت تائين 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. گڏيل قومن جي پناهه گيرن بابت ايجنسي جي ترجمان اوليوا هيڊون ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٻيڙي ۾ سوار ماڻهو غير قانوني طور تي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا پر بدقمستي سان ليبيا جي شهر زواري ڀرسان ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي، حادثي ۾ ٻڏڻ سبب فوت ٿيل 10 ڄڻن جا لاش ڪناري تي پهتا جن ۾ 8 پاڪستاني ۽ 2 ليبيا جا شهري آهن. ترجمان موجب ٻيڙي ۾ 90 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هيا جنهن ۾ وڏو انگ پاڪستانين جو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *