نقيب الله ڪيس ۾ رائو انوار جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ کي وڌيڪ 10 ڏينهن جي مهلت

اسلام آباد ( بيورو ) سپريم ڪورٽ ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي وڌيڪ 10 ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ نقيب الله محسود قتل ڪيس بابت پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه عدالت کي درخواست ڪئي ته انٽيليجنس ايجنسين کي چيو وڃي ته رائو انوار جي گرفتاري لاءِ سندس مدد ڪئي وڃي. سپريم ڪورٽ انٽيليجنس ايجنسين کي سنڌ پوليس جي مدد جي هدايت ڪندي چيو ته ايم آءِ، انٽر سروسز انٽيليجنس ۽ آءِ بي رائو انوار کي ڳولڻ ۾ پوليس کي مڪمل سهڪار فراهم ڪن.  سپريم ڪورٽ چيو ته اسان رائو انوار کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم به ڏنو آهي، جيڪڏهن هو پيش نه ٿيو ته يقيني طور قانون موجب توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي.  سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي گرفتاري لاءِ وڌيڪ 10 ڏينهن جو وقت ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ميڊيا کي هدايت ڪئي ته رائو انوار جو ڪو به آڊيو يا وڊيو پيغام نشر نه ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *