اليڪشن ڪميشن متحده پاڪستان سميت 13 سياسي پارٽين جي رجسٽريشن بحال ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( بيورو ) اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت 13 سياسي پارٽين جي رجسٽريشن بحال ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رجسٽريشن رد ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا حيات هي سربراهي ۾ بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيل فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته توهان 11 جنوري تي آرڊر ميرٽ تي جاري نه ڪيو، اسان کي سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو وٺڻو آهي، نامزدگي ڪاغذ 4 فيبروري تي جمع ٿيڻا آهن، اليڪشن ڪميشن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رجسٽريشن بحال ڪري. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار درخواست ڪئي ته مون کي ڪو شارٽ آرڊر ڏيو، ٻي صورت ۾ مان نامزدگي ڪاغذن سان گڏ پارٽي ٽڪيٽ نه ڏئي سگهندس. اليڪشن ڪميشن دليل ٻڌڻ کانپوءِ متحده پاڪستان جي رجسٽريشن بابت فيصلو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت 13 سياسي پارٽين جي رجسٽريشن بحال ڪري ڇڏي ۽ کين دستاويز جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *