تونا شريف ( م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عام چونڊن کانپوءِ پنجاب ۾ پ پ حڪومت ٺاهيندي، ڏکڻ پنجاب ۽ لاهور جي حالتن ۾ تمام گهڻو فرق آهي. تونسا شريف ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته پاناما ٻاهران آيو هو، ڪنهن سيف الرحمان شروع نه ڪيو هو. هن چيو ته پاناما عالمي سطح تي اٿيو جنهن ۾ شريف خاندان به شامل ٿيو. سندس چوڻ هو ته شريف ڀائرن جي سي پيڪ ۽ منگوليا جي سي پيڪ ۾ تمام گهڻو فرق آهي. آصف علي زرداري چيو ته شريف ڀائرن سي پيڪ کي سمجهو ئي ناهي. هن چيو ته نواز شريف ڪهڙو مظلوم آهي، حڪومت ئي سندس آهي، 6 گاڙيون اڳيان ۽ 6 پويان آهن. سندس چوڻ هو ته اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي بجيٽ ايم اين اي کان وڌيڪ آهي. آصف علي زرداري چيو ته اسان ڪيسن کي منهن ڏنو، هي ماڻهو عدليه جون ڳالهيون ڪن ٿا، شهباز شريف جي ڳالهين جي به ڳالهه ڪيو. هن چيو ته پ پ جي ڪارڪنن هر ڏکي ۽ خراب وقت ۾ پارٽي جو ساٿ ڏنو آهي، کيس اميد آهي ته چونڊون وقت تي ٿينديون، هن ڀيري حڪومت ٺاهڻي ئي پنجاب ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته نهرو ۽ مودي جي ڀارت ۾ تمام گهڻو فرق آهي. آصف علي زرداري چيو ته ڦريل دولت واپس آڻڻ شريف ڀائرن جي وس جي ڳالهه ناهي، اهو ڪم پ پئي ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته مظلم اسان هئاسين، اسان بڪتر بند گاڏين ۾ ايندا هئاسين، پهرين جج مون کي سزا ڏني پوءِ اها سپريم ڪورٽ ختم ڪئي. سندس چوڻ هو ته هي منصوبي جو ائين افتتاح ڪندا آهن جنهن جي شروعات ۽ پڄاڻي ئي نه ٿيندي آهي، شريف ڀائرن چين کان ٽراما لڳرايا آهن، اها سوچ سوچ جي ڳالهه آهي.