رائو انوار واري مسئلي تي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا 48 ڪلاڪن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي؛وڏو وزير

ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته رائو انوار واري مسئلي تي جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا 48 ڪلاڪن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي ۽ ڪميٽيءَ جي سفارشن تي ان جي اصل روح مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه اڄ يورپين يونين جي سهڪار سان سنڌ ۾ ”امپرووڊ نيوٽريشن پروگرام“ جي تحت هڪ مقامي هوٽل ۾ رٿيل پروگرام کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس ڄاڻ نه آهي ته رائو انوار ڪٿي لڪيل آهي پر مان ڄاڻا ٿو ته ڪو به ملزم قانون کان وڌيڪ طاقتور نه آهي. هن چيو ته پوليس رائو انوار جي گرفتاريءَ لاءِ سخت محنت سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان ٻين صوبائي حڪومتن ۽ ايجنسين کان به مدد گهري وئي آهي. هن چيو ته هو صوبي جي غريب ماڻهن کي صحت جي خدمتن جي فراهميءَ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي، اسانجي اي پي آءِ ۽ ٻين پروگرامن ۾ خاطر خواهه بهتري ٿي آهي ۽ انکي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت 300 بنيادي صحت جي يونٽن کي اپ-گريڊ ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آهي جن مان 280 کي اپ-گريڊ ڪري بي ايڇ يو پلس بڻايو ويو آهي يعني ان تحت 24 ڪلاڪ صحت جون خدمتون فراهم ڪيون وينديون. انهيءَ کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سيد مراد علي شاهه يورپين يونين جي سهڪار سان سنڌ ۾ امپرووڊ نيوٽريشن پروگرام جي نالي سان هڪ پروگرام سموري سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، سنڌ نيوٽريشن پروگرام صوبي ۾ خوارڪ جي ترقي ۽ واڌ ويجهه جي حوالي سان بهترين انداز ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ان بابت عالمي ادارن جن ۾ يونيسيف، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، ورلڊ فوڊ پروگرام، ورلڊ بينڪ، يو ايس ايڊ ۽ ٻين جي مالي ۽ ٽيڪنيڪي سهڪار ساراهه جوڳو آهي ۽ سنڌ حڪومت انهن ادارن جي خدمتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي آهي. هن چيو ته سنڌ امپرووڊ نيوٽريشن پروگرام هن وقت صوبي جي 16 ضلعن جن ۾ 9 ضلعن کي ورلڊ بينڪ ۽ ٻين ۾ يونيسيف، ورلڊ فوڊ پروگرام، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي مالي ۽ ٽيڪنيڪي معاونت حاصل آهي پر ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته حڪومت پنهنجن وسيلن تي وڌيڪ انحصار ڪندي ان شعبي ۾ ترجيحي بنيادن تي سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ وسعت ڏئي رهي آهي ۽ ان پروگرام سان لاڳاپيل افرادي قوت کي وڌ ۾ وڌ فوقيت ۽ اهميت ڏئي ڇاڪاڻ ته خوراڪ هڪ تمام سنگين مامرو آهي ان سان صحت جي مجموعي انگن اکرن ۽ عالمي سطح تي مقرر ڪيل پائيدار ترقياتي هدفن جا مثبت نتيجا به ان شعبي سان سڌي يا اڻ سڌي ريت اثر انداز ٿيندا آهن. هن چيو ته افسوس سان چئي رهيو آهيان ته خوراڪ جي کوٽ سبب 48 سيڪڙو ٻار ننڍي قد جڏهن ته 15 سيڪڙو گهٽ وزن جو شڪار آهن، جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان سالياني 67758.555 ملين رپين جو ايڪسلريٽڊ ايڪشن پلان شروع ڪيو آهي. ان پروگرام جو مقصد خوراڪ جي کوٽ ۽ ٻارن جي ننڍي قد وارن مسئلن تي ضابطو آڻڻ آهي. هن چيو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان هن وقت صوبي جي 9 ضلعن ۾ 4.111 بلين رپين سان پروگرام شروع ڪيو ويو آهي ۽ ٻين ٽن ضلعن ۾ يو ايس ايڊ جي سهڪار سان 20 ملين ڊالرن جو ٻارن جي ننڍي قد کي ڪنٽرول ڪرڻ وارو پروگرام شروع ڪيو آهي جڏهن ته ورلڊ فوڊ پروگرام ٻارن ۽ عورتن ۾ خوراڪ کي بهتر ڪرڻ لاءِ 48 ملين ڊالرن جو پروگرام شروع ڪيو آهي. هن چيو ته اهو سڀ اسانجي پنهنجي عوام سان ڪيل عزم جو ثبوت آهي. صحت جي شعبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سان سٺا نتيجا سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو ته اسان جون اسپتالون هاڻ صحت جون بهتر خدمتون فراهم ڪري رهيون آهن. ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اين آءِ سي وي ڊي سيٽلائيٽ شروع ٿيڻ سان ماڻهن کي سهولتون مليون آهن، جنهن تي سنڌ حڪومت 7 بلين رپيا خرچ ڪري رهي آهي. تقريب ۾ رٿابندي ۽ ترقيءَ وارو صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي، چيف سيڪريٽري سنڌ رضوان ميمڻ، صوبائي اڳواڻ نيوٽريشن پروگرام، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، نيوٽريشن پروگرام آفيسر، ضلعي نيوٽريشن ڪوآرڊينيٽرز ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *