سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جون مشينون لڳايون پيون وڃن؛ سڪندر مينڌرو

ڪراچي(هه آ) سنڌ جي صحت کاتي واري وزير سڪندر مينڌرو چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي موثر علاج لاءِ سنڌ جي پنجن ضلعن ٺٽي، بدين، مٺي، ڪوٽڙي ۽ سيوڻ ۾ بريسٽ اسڪريننگ مشين لڳائي پئي وڃي. بريسٽ اسڪريننگ مشينن جي ذريعي ڇاتي جي ڪينسر جي وقت سر ابتدائي مرحلي ۾ خبر پونڻ سان مرض جو علاج ممڪن ٿيندو ۽ مريض صحتياب ٿيندو آهي مريض جي دير سان خبر پوڻ تي مريض کي آپريشن جي مرحلي مان به گذرڻو پوندو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت عورتن جي بهتر صحت ۽ بيمارين کان بچاءُ جي طور تي بريسٽ ڪينسر اسڪريننگ مشين گھرائي آهي. مشينون ڪراچي پهچي چڪيون آهن ۽ تمام جلد اهي مشينيون ذڪر ڪيل ضلعن ۾ لڳايو ويندو ان مقصد لاءِ عملي ۽ ڊاڪٽرن جي تربيت جو عمل به مڪمل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي عوام کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ نهايت موثر قدم کڻي رهي آهي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڊاڪٽرن جي ڊسٽرڪٽ اسپتالن ۾ مقرري، جديد طبي ساز سامان جي فراهمي ۽ دوائن جي مفت دستيابي واري اُپائن تي خاص توجه ڏئي رهي آهي. ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو آهي ته هو صوبي جي سمورن سرڪاري اسپتالن جي روزاني بنيادن تي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته بريسٽ ڪينسر اسڪريننگ مشينن جي لڳائڻ سان ان مرض جو علاج وقت ۽ شفاع ڀريو ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *