ڪراچي (م ڊ) سنڌ سرڪار شهرين کي خوشخبري ٻڌائيندي ايندڙ مهيني کان نيون مسافر بسون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ انٽرا سٽي ۽ انٽر سٽي بس رٿا بابت اجلاس ٿيو. وڏي وزير منصوبي لاءِ وڌيڪ 255 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ٽرانسپورٽ واري وزير ناصر شاهه ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ ڊائيوو کي 32 بسون شاهراهه فيصل تي هلائڻ جي آڇ ڪئي آهي. وڏي وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته 15 ڏينهن اندر ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي بسون هلندي ڏسڻ چاهي ٿو. ناصر شاهه خاطري ڪرائي ته بسون 15 فيبروري کان هلڻ شروع ٿي وينديون. ٽرانسپورٽ واري وزير اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته انٽر سٽي بسن لاءِ به ڊائيوو آڇ ڪئي آهي ۽ 9 روٽس تي 134 بسون هلايون وينديون.